پونجراج مل ڪيسراڻي

پونجراج مل ڪيسراڻي

پونجراج مل ڪيسراڻي

پونجراج مل ڪيسراڻي: تعليم ماهر ۽ ليکڪ، پونجراج مل ڪيسراڻي، 2 جون 1953ع تي سبو مل سوٽهڙ جي گهر، نيوڇور شهر، هاڻوڪي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم پرائمري اسڪول حويلي ٺڪر مان 1964ع ۾، اٺون درجو مڊل اسڪول نيوڇور مان 1967ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍوري ناري مان 1969ع ۾ پاس ڪيائين. جنهن بعد ميرپور بٺوري مان سينيئر ورنيڪيولر ٽريننگ جو امتحان، 1971ع ۾ پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. سندس پهرين مقرري اوطاق فقير نور محمد مڱريو، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿي. نوڪري ملڻ بعد انٽر، سچل ڪاليج حيدرآباد مان 1973ع ۾ خانگي طرح ۽ بي. ايڊ 78-1977ع ۾، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 79-1978ع ۾، ايم. اي (انگلش) 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. انگريزيءَ جو ماهر هجڻ سبب مڊل اسڪول نيوڇور ۾ ڪجهه عرصو ڊيپوٽيشن تي پڙهايائين. جتي 1976ع ۾ JST مقرر ٿيو. نيوڇور جي مڊل اسڪول کي 1983ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو مليو. پاڻ 1985ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. 1987ع ۾ نئين روشني اسڪول پراجيڪٽ ۾ سانگهڙ ضلعي ۾ فيلڊ آفيسر مقرر ٿيو. 1987ع ۾ انگريزيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو، جنهن دوران سندس مقرري هاير سيڪنڊري اسڪول سرهاڙي، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿي، جتان پوءِ هاير سيڪنڊري اسڪول ڇور اولڊ ۾ پرنسپال مقر ٿيو. 2000ع ۾ ضلعي عمرڪوٽ جو ڊپٽي ڊي. او ايجوڪيشن مقرر ٿيو، جنهن بعد هڪ سال تائين هاءِ اسڪول عمرڪوٽ ۾ هڪ سال تائين سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن بعد ٻيهر هاير سيڪنڊري اسڪول ڇور اولڊ ۾ پرنسپال جي عهدي تي مقرر ٿيو، جتي 2005ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. جتان پوءِ 2008ع تائين اي. ڊي. او تعليم عمرڪوٽ مقرر رهيو. ڪجهه عرصو هاءِ اسڪول موليٰ بخش راڄڙ ۾ هيڊماستر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانپوءِ چئن سالن تائين هاءِ اسڪول فقير قادر بخش مڱريو ۾ هيڊماستر رهيو، جتان 2013ع ۾ رٽائر ڪيائين. پونجراج ڪيسراڻيءَ، تعليم جي ميدان ۾ خدمتگار جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو آهي. هن نياڻين جي تعليم لاءِ گهر گهر وڃي والدين کي اتساهيو آهي. نيوڇور بوائز هاءِ اسڪول ۾ پهريون ڀيرو سندس ڪوششن سان نياڻين جا گڏيل ڪلاس شروع ڪيا ويا. نيوڇور ۾ ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ سماجي تنظيمن سان به لاڳاپيل رهيو آهي. سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.
پونجراج ڪيسراڻي، تعليم جي موضوع تي ڪاوش مئگزين، عبرت مئگزين، هلال پاڪستان، هفتيوار کوجنا، سامي سماچار ۽
ٻين رسالن ۾ لکندو رهي ٿو. سندس انگريزي گرامر تي مشتمل ڪتاب Step 1- To learn English Grammar ڇپيل آهي، جڏهن ته ٻه ڪتاب: ‘نيوڇور کان نيويارڪ تائين’ (آمريڪا جو سفرنامو) ۽ ‘جڙيا رهو جڳ ۾’ (پاڻ سنوارڻ بابت)، روشني پبليڪيشن طرفان ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن. پاڻ 2013ع کان ارقم پبلڪ اسڪول ڇور اولڊ ۾ پرنسپال جي حيثيت سان تعليمي خدمتون جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.02  عيسوي

تعليم ماهر ۽ ليکڪ، پونجراج مل ڪيسراڻي، 2 جون 1953ع تي سبو مل سوٽهڙ جي گهر، نيوڇور شهر، هاڻوڪي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه شجاع پٺاڻ
عبدالمجيد نائچ
خانصاحب ڪمال الدين عباسي
ڏاسواڻي چندر
دين محمد بروهي
ظفر سنڌي
دليپ ڪمار ڪوهستاني
رضوي سيد خادم علي شاهه
زهره شيرازي
جيسينه جئه سينه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون